ايوب فقير آريسر

ايوب فقير آريسر: شاعر ايوب فقير ولد محمد يوسف آريسر جو جنم ڳوٺ ھوندو آريسر، تعلقي پٿوري، ضلعي عمرڪوٽ ۾ 1919ع ڌاري ٿيو. قرآن شريف ۽ سنڌي فائنل پاس ڪرڻ بعد ”مظھر العلوم“ مدرسه ولھيٽ ۾ داخل ٿيو. جتي مفتي عبدالڪريم ساند وٽ عربي ۽ ابتدائي فارسي پڙهيو. شاعريءَ جي شروعات مظھر العلوم ۾ پڙھڻ وقت ڪئي. وڌيڪ تعليم لاءِ مظھر العلوم بدين ويو، جتي فارسي پڙھيو. تعليم جي حاصلات بعد لڏي اچي تعلقي عمرڪوٽ جي ڳوٺ سون پور ۾ رھيو، سندن وفات به اتي ٿي. ھن ڪافيون، وايون ۽ غزل وغيره لکيا. هنديءَ جي پڻ ڄاڻ هيس، جنھنڪري ڀڄن ۽ شبد به چيائين. سندس ڪجهه ڪافيون، ڊاڪٽر بلوچ جي تربيت ڏنل ڪتاب ’ڪافيون‘ ۾ ۽ عبدالڪريم ’ڪريم‘ پليءَ جي ڪتاب ’وايون وڻجارن جون‘ ۾ سندس تعارف ۽ ڪجهه ڪافيون ڇپيل آهن. سندس ڪيتريون ئي ڪافيون مختلف فنڪارن ڳايون آهن. سندس سنڌي هندي ۽ سرائيڪي ٻولين ۾ چيل ڪلام شاعر ۽ اديب زوهيب آريسر، ”ايوب فقير جو رسالو“ جي نالي سان ترتيب ڏنو، جيڪو ثقافت کاتي پاران 2018ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ايوب فقير 9 ذوالحج 1394هه/1974ع ڌاري وفات ڪئي، کيس آراڙو ڀرڳڙيءَ جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس نالي سان پٿوري شھر ۾ ”ايوب فقير آريسر پبلڪ لائبريري“ پڻ قائم ٿيل آهي.


لفظ ايوب فقير آريسرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو